ديوان قاسم 2

ديوان قاسم 2 (ڪتاب): ديوان قاسم ٽنڊي آغا جي مرزا گهراڻي جي نامور عالم ۽ شاعر مرزا قاسم علي بيگ ’قاسم‘ جي سنڌي، اردو ۽ فارسي غزلن جو مجموعو آهي. ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ۾ اياز حسين قادري لکي ٿو ته، “مرزا قاسم علي بيگ کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي. هي هزهائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر جو مصاحب هو ۽ ٽالپرن وٽ منعقد ٿيندڙ عزاداريءَ جي مجلسن ۾ مرثيه خواني ڪندو هو. طب ۾ به کيس وڏي ڄاڻ هئي. سندس ڪلام، سلام، مرثيا، مناقب، قصيدن، غزلن ۽ رباعين تي مشتمل آهي. هن جي شاعريءَ تي فارسي گو شاعرن جو اثر آهي، اُن هوندي به سندس سنڌي غزلن جي ٻولي ٺيٺ سنڌي آهي. جنهنڪري سندس غزلن ۾ مٺاس آهي. سندس سمورو ڪلام فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل آهي. ديوان قاسم ۾ پهرين سلام ۽ ان کان پوءِ غزل ڏنل آهن. غزل رديفن مطابق الف ب جي ترتيب سان رکيل آهن. سندس ديوان اڃا تائين قلمي صورت ۾ سندس اولاد وٽ ٽنڊي آغا ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو